آغا روشن علي پٺاڻ

آغا روشن علي پٺاڻ

آغا روشن علي پٺاڻ

آغا روشن علي پٺاڻ: شاعر مضمون نويس ۽ تعليم دان آغا روشن علي پٺاڻ 31 مئي 1942ع تي آغا شير محمد پٺاڻ جي گهر ۾ درٻيلي تعلقي ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم درٻيلي مان ۽ مئٽرڪ ۽ انٽر حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۾ ڪيائين. ڪجهه وقت زراعت کاتي ۾ ملازم رهيو. ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ايڇ ايس ٽي طور ڀرتي ٿي مستقل طور شھدادپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سٺي استاد ۽ منتظم هئڻ ڪري سنڌ سرڪار سندس انتظامي صلاحيتن کي آڏو رکندي کيس سانگهڙ جو ڊسٽرڪٽ ايـڊيوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو. ادبي ذوق سبب شھدادپور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي بنياد رکندڙن مان هو ۽ ان پليٽ فارم تان ڪيترائي ادبي پروگرام ۽ ”لطيف سائينءَ جا ڏهاڙا“ ملهايائين. انقلابي طبيعت سبب مزاحمتي شاعري به ڪيائين، جيڪا مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپي. هو فڪري طرح سائين جي.ايم.سيد جو پوئلڳ هو. پنھنجي دوست محمد صديق دائودپوٽي سان گڏ ”مجاهد“ اخبار شھدادپور سان به لاڳاپيل رهيو. هيءَ پھرين سنڌي هفتيوار اخبار هئي، جنھن 1969ع ۾ شيخ مجيب الرحمان جي سنڌ اچڻ تي سائين جي.ايم.سيد ۽ شيخ مجيب الرحمان جا اسڪيچ سنڌ جي نقشي ۾ شايع ڪيا هئا. آغا روشن علي 20 آڪٽوبر 2013ع تي وفات ڪئي.


لفظ آغا روشن علي پٺاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.05.31  عيسوي

آغا روشن علي پٺاڻ 31 مئي 1942ع تي آغا شير محمد پٺاڻ جي گهر ۾ درٻيلي تعلقي ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو .


2013.10.20  عيسوي

آغا روشن علي 20 آڪٽوبر 2013ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حشو پارواڻي
رازي ابوبڪر محمد بن ذڪريا
سيما ابڙو ڊاڪٽر
ڀاڳيا سنتوش گاگو مل
ٿيوڊر روز ويلٽ
پال سيزان
سيد ويڌل شاهه موسوي
جارج-5
پير سخي عثمان شاهه
محمد ميان سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون